آصف زرداري اسان جا مخالف اليڪشن ۾ بيٺا ته ڀليڪار ڪندا

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي اقتدار لاءِ نه هٽايو ويو ڇو ته هو حڪومت نه هلائي رهيا هئا.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مان پهريون سياستدان آهيان جنهن فلسطين لاءِ ڳالهايو، افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان فلسطين لاءِ جيترو ڪم ڪرڻ گهرجي اوترو نه ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته اسان جي دور ۾ پارليامينٽ کي اختيار ڏنا ويا هئا، صدر جا اختيار گهٽ ڪيا هئائين، ان سان ڪو به واسطو نه هو، مون ڏٺو ته حڪومت ڪم نه ڪري رهي آهي، مون ڏٺو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ناهي. اڳتي هلي پي ٽي آءِ جي حڪومت پنهنجي دور ۾ ڪجهه به نه ڪيو، اسان پي ٽي آءِ کي پنهنجي اقتدار لاءِ حڪومت مان نه هٽايو پر ملڪ جي بهتري ۽ معاشي ترقي اسان جو مقصد هو.

آصف زرداري چيو ته اڄ مان سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ چاهيان ٿو ۽ دوستن ۽ دشمنن کي پنهنجو پيغام ڏيان ٿو، هر ڪنهن کي پنهنجي سياست ڪرڻ گهرجي، اسان جي پنهنجي سياست ۽ فلسفو آهي ۽ اسان جي سياست ڀٽو ۽ بينظير جي آهي، اسان انهن کي بسم الله چونداسون. اسان جا مخالف اليڪشن ۾ بيٺا ته کين ڀليڪار ڪنداسين.

 

Leave a Comment