بجلي جي قيمت ۾ 55 پئسا في يونٽ واڌ بابت نيپرا ۾ ٻڌڻي، فيصلو محفوظ

اسلام آباد: نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 55 پئسا في يونٽ واڌ بابت سي پي پي اي جي درخواست تي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

ايڪسپريس نيوز موجب سي پي پي اي طرفان بجلي جي قيمت ۾ 55 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي وئي هئي، جنهن جي ٻڌڻي اڄ نيپرا هيڊ ڪوارٽر ۾ شروع ٿي. نيپرا جي چيئرمين وسيم مختار ٻڌڻي ڪئي.۔

سي پي پي اي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ مهيني جي واڌ جي درخواست ڪئي آهي ۽ حڪومت کان هلندڙ ڊسڪوز لاءِ بجلي جي اگهن ۾ 55 پئسا في يونٽ واڌ جو مطالبو ڪيو آهي. منظوري جي صورت ۾ صارفين تي هڪ مهيني لاءِ 8 ارب 37 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوندو.

سي پي پي اي درخواست ۾ چيو آهي ته سيپٽمبر مهيني ۾ 12 ارب 92 ڪروڙ يونٽ بجلي وڪرو ڪئي وئي، هائيڊل مان بجلي جي پيداوار 37.55 سيڪڙو رهي، سيپٽمبر ۾ آر ايل اين جي مان بجلي جي پيداوار 15.95 سيڪڙو ۽ سيپٽمبر ۾ فرنس مان بجلي جي پيداوار 1.80 سيڪڙو رهي. بجلي جا اگهه وڌائڻ گهرجن.

بعد ۾ ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت سي پي پي اي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اختيارين جو چوڻ آهي ته نيپرا ڊيٽا جو جائزو وٺڻ بعد حتمي فيصلو جاري ڪندي.

Leave a Comment