سالانه بنيادن تي چانهه جي درآمد ۾ 32.30 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد: هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ چانهه جي درآمد ۾ سالياني بنياد تي 32.30 سيڪڙو جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

پاڪستان شماريات بيورو موجب هلندڙ مالي سال جي پهرئين ٽه ماهي ۾ چانهه جي درآمد تي 184.061 ملين ڊالر پرڏيهي مٽا سٽا جي رقم خرچ ڪئي وئي، جيڪا گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 32.30 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

ٻئي طرف پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل برآمدات ۾ سال بہ سال گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ 12 مهينن کانپوءِ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن موجب هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ٽيڪسٽائيل جي برآمد ۾ 5 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو هڪ ارب 43 ڪروڙ ڊالر رهيو، گذريل سال آڪٽوبر ۾ ايڪسپورٽ جو حجم هڪ ارب 36 ڪروڙ ڊالر هو.

 

Leave a Comment