سون جي قيمت ٻن ڏينهن جي گهٽتائي کانپوءِ اڄ وڌي وئي

ڪراچي: عالمي ۽ مقامي سون جي اگهن ۾ مسلسل 2 ڏينهن جي گهٽتائي کانپوءِ اڄ واڌ ٿي.

اربع ڏينهن عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت ۾ ڪا تبديلي نه آئي ۽ 1988 ڊالر في اونس تي مستحڪم رهيو.


ٻئي طرف اربع ڏينهن مقامي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ 200 رپيا في تولو واڌ ٿي، جنهن بعد نئين قيمت 2 لک 14 هزار 600 رپيا ٿي وئي.

اهڙي طرح في 10 گرام سون جو اگهه به 172 رپيا مهانگو ٿي 1 لک 83 هزار 642 رپيا ٿي ويو.

واضح رهي ته گذريل 2 ڏينهن (سومر ۽ اڱاري) دوران عالمي ۽ مقامي سطح تي سون جي اگهن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو هو، جنهن کانپوءِ اربع تي عالمي سون جي اگهه ۾ ڪا تبديلي نه رهي جڏهن ته مقامي سطح تي سون جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي.

 

Leave a Comment