شاهه رخ جي سالگرهه جو سرپرائز، هاڻي پاڪستاني فینز بي "JAWAN” ڏسي سگهندا

ممبئي: بالي ووڊ ميگا اسٽار شاهه رخ خان جي بلاڪ بسٽر فلم ’JAWAN‘ کي مشهور آمريڪي اسٽريمنگ سروس نيٽ فلڪس تي به رليز ڪيو ويو آهي.

شاهه رخ خان اڄ پنهنجي 58 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، جڏهن ته ڪنگ خان جي مداحن کي سالگرهه جو تحفو ڏنو پيو وڃي، فلم ”ڊنڪي“ جي ميڪرز فلم جو پهريون ٽيزر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي فلڪس تي رليز ڪيو ويو آهي.

سڄي دنيا جي مداحن وانگر شاهه رخ خان جا پاڪستاني مداح به پنهنجي گهرن ۾ ويهي نيٽ فلڪس تي فلم ’جوان‘ ڏسي سگهندا.

ان حوالي سان نيٽ فلڪس انڊيا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ”سالگره ’جوان‘ جي آهي پر تحفو سڀني لاءِ آهي.

Add Your Heading Text Here

Leave a Comment