ملڪي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي

ڪراچي: عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ 9 ڊالر في اونس گهٽتائي ٿي، جنهن سان نئين قيمت 2330 ڊالر تي اچي وئي.

ٻئي طرف مقامي مٽا سٽا واري مارڪيٽ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 400 رپيا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن بعد نئين قيمت 2 لک 14 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي طرح سون جي في 10 گرام جي قيمت ۾ به 343 رپيا گهٽتائي ٿي ۽ نئين قيمت 1 لک 83 هزار 642 رپيا ٿي وئي.

سون جي اگهن ۾ واڌ جي برعڪس ملڪ ۾ چاندي جو اگهه 2280 رپيا في تولا تي برقرار رهيو، جڏهن ته چاندي جو اگهه 2211.93 رپيا في 10 گرام تي مستحڪم رهيو.

 

Leave a Comment