ملڪ ۾ مهانگائي ۾ واڌ جي شرح گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي

اسلام آباد: حڪومتي قدمن سبب ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي.

گذريل هڪ مهيني (آڪٽوبر 2023ع) دوران مهانگائي ۾ واڌ جي شرح مهيني جي بنياد تي 1.1 سيڪڙو رهي آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پهرين چئن مهينن (جولائي کان آڪٽوبر 2023ع) دوران مهانگائي جي شرح 28.48 سيڪڙو رهي آهي.

گذريل مهيني (آڪٽوبر 2023ع) سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 26.9 سيڪڙو هئي ۽ سيپٽمبر 2023ع ۾ اها 31.4 سيڪڙو هئي جڏهن ته آڪٽوبر 2022ع ۾ اها شرح 26.6 سيڪڙو هئي.

شماريات جي وفاقي بيورو مهيني جي مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب مهانگائي جي شرح آڪٽوبر 2023ع ۾ مهيني جي بنياد تي 1.1 سيڪڙو ۽ سيپٽمبر 2023ع ۾ 2 سيڪڙو رهي جڏهن ته آڪٽوبر 2022ع ۾ اها شرح 4.7 سيڪڙو هئي.

وفاقی ادارہ شماریات کے مطابق سالانہ بنیاد پرمہنگائی کی شرح 26.9 فیصد رہی جولائی سے اکتوبر مہنگائی کی اوسط شرح 28.48 فیصد رہی، شہری علاقوں میں مہنگائی 25.5 فیصد، دیہات میں 28.9 فیصد رہی۔

پياز، ڀاڄيون، ميوا، انڊا، آلو، مڇي ۽ مصالحا گذريل مهيني مهانگو ٿي ويا، بجلي 8.29 سيڪڙو، شادي هال 5.43 سيڪڙو، رهائش 4.50 سيڪڙو مهانگي ٿي.

وفاقي شماريات واري اداري موجب دوائن ۾ 3.72 سيڪڙو، تعليم ۾ 3.23 سيڪڙو ۽ ڊاڪٽرن جي فيس ۾ 3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن وقت کنڊ، چنا جي دال، ٽماٽو، دال مونگ، گجر، ڪڻڪ جو اٽو، کير سستو ٿي ويو آهي.

Leave a Comment