مينيجمينٽ ڪميٽي جي ميمبر سربراهه تي غير آئيني فيصلو ڪندي سندس پٽ کي اختيار ڏيڻ جو الزام لڳايو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي ميمبر بورڊ جي سربراهه تي غير آئيني فيصلا ڪرڻ ۽ پنهنجي پٽ کي اختيار ڏيڻ جو الزام لڳايو آهي.

ڪرڪيٽ جي معروف ويب سائيٽ ڪرڪ انفو پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته مئنيجمينٽ ڪميٽي جي ميمبر ذوالفقار ملڪ پنهنجي الزامن جي ڪاپي وزيراعظم آفيس ۽ انٽر پراونشل ڪوآرڊينيشن (آءِ پي سي) واري وزارت کي موڪلي ڇڏي آهي.

ذڪا اشرف جي خلاف ذوالفقار ملڪ جي اي ميل هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن پي سي بي جي قائم مقام چيئرمين طور سندس 4 مهينن جو مدو ڪجهه ڏينهن بعد 5 نومبر تي ختم ٿي رهيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: حساس معاملن تي ڳالهيون مستقبل ۾ ليڪ ٿي سگهن ٿيون: بابر اعظم

هن پنهنجي اي ميل ۾ انتظاميا ڪميٽي جي سربراهه ذڪا اشرف تي الزام لڳايو آهي

 چيئرمين بورڊ جي روزمرهه جي معاملن کي هلائڻ ۾ مقرر ڪيل قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.

ذڪا اشرف بين الصوبائي مواصلات واري وزارت جي حڪمن کي نظرانداز ڪندي چونڊون نه ڪرايون، جنهن تي بورڊ جي مستقل چيئرمين جي چونڊ ٿيڻي هئي.

هن پنهنجا سرٽيفڪيٽ پڻ فراهم نه ڪيا جيڪي چيئرمين پي سي بي لاءِ لازمي آهن.

ذڪا اشرف پنهنجي پٽ چوڌري محمد خان کي بورڊ جي معاملن ۾ غير قانوني مداخلت جي اجازت ڏني.

وڌيڪ پڙهو: پاڪستاني رانديگرن کي 5 مهينن کان پگهارون نه مليون! راشد لطيف جي دعويٰ

مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه پنهنجي مخالفن خلاف پي سي بي اليڪشن ڪميشن جي آفيس جو غلط استعمال ڪندي علائقن ۾ بوگس چونڊون ڪرايون.
هن وڌيڪ چيو ته ”مون انتظاميه جي طرفان ڪجهه واضح غلطيون ۽ غير آئيني فيصلا نوٽ ڪيا آهن، جن کي مان رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو، جڏهن ته غير آئيني فيصلن ۽ غلط ڪمن کان پاڻ کي برطرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو،“ هن وڌيڪ چيو.

وڌيڪ پڙهو: چيٽ ليڪ ڪيس؛ آفريدي به ذڪا اشرف کي ننگي هٿن سان ورتو

ذوالفقار ملڪ وڌيڪ چيو ته ذڪا اشرف ڪجهه ڊگهي مدي وارا فيصلا ڪيا جنهن جو کيس ڪو به اختيار نه هو، انهن فيصلن ۾ چيف سليڪٽر جي 3 سالن لاءِ 25 لک رپيا ماهوار مقرري، ڪيترن ئي ڊائريڪٽرن، صلاحڪارن، آفيسرن، ٻين ڪميٽين تي مقرريون شامل آهن. ڪيترن ئي منصوبن جي منظوري، وڏي پئماني تي خرچ، قانوني صلاحڪار جي مهانگي مقرري ۽ ڪيترن ئي آفيسرن کي هٽائڻ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي مينڊيٽ جي واضح ڀڃڪڙي آهي.

 

Leave a Comment