پي ٽي آءِ کي لاهور ۾ چونڊن بابت ڪارنر ميٽنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي شاهدره ۾ ڪارنر ميٽنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

جسٽس علي باقر نجفي اڪمل خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار طرفان علي جعفري ايڊووڪيٽ پيش ٿيو.


پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن جي حوالي سان هو لاهور جي علائقي شاهدره ۾ ڪارنر ميٽنگ ڪرڻ چاهين ٿا، عدالت ڪارنر ميٽنگ جي اجازت ڏئي ۽ پوليس سڪيورٽي پڻ فراهم ڪئي وڃي.

عدالت درخواست منظور ڪندي پي ٽي آءِ کي 19 نومبر تي ڪارنر ميٽنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

 

Leave a Comment