پ پ ملڪ کي هر بحران ۾ سنڀاليو آهي: آصف زرداري

نوابشاهه: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر دور ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو ۽ سنڀاليو.

نوابشاهه ۾ آصف علي زرداري عهديدارن، ڪارڪنن ۽ معززين سان ملاقات ڪري عام چونڊن بابت تجويزون ورتيون.

ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊن لاءِ موثر چونڊ مهم ۽ بهترين منشور کڻي ميدان ۾ ايندي.

هن چيو ته جڏهن عوام کي حڪمراني جو حق ملندو آهي ته مسئلا گراس روٽ تي حل ٿيندا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي ۽ اسان هر دور ۾ عوامي راڄ جي نفاذ لاءِ ڪم ڪيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ کي هر بحران ۾ سنڀاليو آهي.

Leave a Comment