‘ڊنڪي’ بمقابله ‘سالار’، پرڀاس پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ کي ختم ڪري ڇڏيو

Dunki Vs Salaar Prabhas Deletes His Instagram Account ممبئي: ڀارتي اداڪار پرڀاس پنهنجي ميگا ٿرلر فلم ”سالار“ جي رليز کان اڳ پنهنجو آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب پرڀاس جي ايندڙ فلم ’سالار‘ جي تياري جاري آهي، جنهن جي هدايتڪار پرشانت نيل ٺاهي رهيا آهن، اها فلم بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي فلم ’ڊنڪي‘ سان گڏ رليز ٿيندي، ٻئي وڏيون فلمون 22 ڊسمبر تي رليز ٿينديون. ٿيئٽر

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ”سالار“ ۽ ”ڊنڪي“ جي رليز تي وڏو ٽڪراءُ ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مداح ٻنهي فلمن جي رليز لاءِ بيحد پرجوش آهن.
هاڻ ڀارتي ميڊيا طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اداڪار پرڀاس پنهنجو آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

‘Dunki Vs Salaar Prabhas Deletes His Instagram Account

پرڀاس انسٽاگرام تان پراسرار طور غائب ٿي ويو آهي، خبر وائرل ٿيڻ کان پوءِ مداحن طرفان مختلف اندازن کي سامهون رکيو پيو وڃي.

ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين دعويٰ ڪئي آهي ته شايد اداڪار جو انسٽاگرام اڪائونٽ هيڪ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه صارفين جو چوڻ آهي ته اداڪار شاهه رخ خان جي فلم ڊنڪي سان ٽڪراءَ جي خوف سبب پنهنجو انسٽاگرام اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته پرڀاس جي ميگا ٿرلر فلم ’سالار‘ جي رليز جي تاريخ به 22 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا اڳ ئي ڪنگ خان جي فلم ’ڊنڪي‘ لاءِ رکي وئي آهي.

تازو ئي خبر پئي ته شاهه رخ خان جي فلم ڊنڪي جي رليز کي پرڀاس جي فلم سالار سبب ملتوي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان حوالي سان فلمساز ڊنڪي يا شاهه رخ خان طرفان ڪو به بيان سامهون ناهي آيو

پرڀاس جي فلم بلاڪ بسٽر فلم ”ڪي جي ايف“ جو ڊائريڪٽر پرشانت نيل پروڊيوس ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس فلم ”ڪي جي ايف 2“ جو مقابلو شاهه رخ خان جي فلم ”زيرو“ سان ٿيو.

Leave a Comment